دڙٻ جو مقام

دڙٻ جو مقام: دڙٻ جو مقام، ديهه جاگير-6، يونين ڪائونسل غيبي ديري، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ دڙٻ نئن جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. هن قبرستان ۾ هزارين ماڻهو دفن ٿيل آهن، جن ۾ چانڊيا قبيلي جي پاڙن تاماڻي، قاسماڻي، نورياڻي، ڏيپاراڻي ۽ عمراڻين جي وڏن جون مزارون آهن. هن تاريخي قبرستان ۾ چانڊين جي هڪ ويڙهو سردار ٽلو خان جو به مقبرو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن بلوچستان ۽ افغانستان کان ايندڙ حملي آورن سان ڪيترا ڀيرا جنگيون ڪيون هيون. انهيءَ کانسواءِ سوالي، ٻاجهي، بائٺ خان، لالو فقير ۽ قائم سخي وغيره جهڙن فقيرن ۽ سردارن جون مزارون به هن مقام ۾ آهن. هن قبرستان جون ڪجهه قبرون پراڻي دؤر جي چوني سان به ٻڌل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو